ڀارتي دفاع واري وزير پاران پاڪستان ۾ دهشت گردي جو اعتراف

نئين دهلي/ اسلام آباد (م ڊ) ڀارت چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان مان دهشتگرد ڀارت ۾ امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي پاڪستان ۾ گهڙي به مارينداسين. هڪ انٽرويو ۾ ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه کان سوال ڪيو ويو ته برطانوي اخبار "دي گارجين” هڪ رپورٽ ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ 20 پاڪستاني شهرين کي پاڪستان اندر قتل ڪرايو آهي، جنهن تي راج ناٿ سنگهه رپورٽ جي تصديق يا ترديد نه ڪندي چيو ته جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ مان ڪو دهشتگرد هندستان جو امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، يعني جيڪڏهن ڪو دهشتگرد هتي آپريشن کانپوءِ پاڪستان طرف ڀڄي ويندو ته ان کي پاڪستان ۾ داخل ٿي مارينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت اڄ تائين ڪنهن به ملڪ تي حملو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ جي هڪ انچ زمين تي قبضو ڪيو آهي، پر جيڪڏهن ڪو اچي ڀارت ۾ دهشتگردي ڪري ۽ امن کي خراب ڪري ته اهو سٺو ناهي. ڀارتي وزير جي بيان تي پاڪستان سخت ردعمل جو اظهار ڪندي سندس بيان جي مذمت ڪئي آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ڀارتي وزير جي بيان کي چڙ ڏياريندڙ قرار ڏيندي چيو ته 25 جنوري تي پاڪستان ڀارت کي سندس سرزمين تان پاڪستاني شهرين جي عدالت کان مٿاهن قتلن جا  پڪا ثبوت ڏنا هئا. ڀارتي وزير جو بيان ان جو اعتراف آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته ڀارت کان سندس ڪاررواين جو جواب طلب ڪري. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اڳرائي خلاف پنهنجي خودمختياري جو دفاع ڪندو. ڀارت ۾ حڪمران اهو سڀ ڪجهه چونڊن دوران ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهن، بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته اهڙو غير ذميواراڻو رويو علائقائي امن کي نقصان پهچائي ٿو. ٻئي پاسي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت چونڊن دوران اهڙي ڪارروائي نه ڪري جنهن جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت جيڪڏهن ڪا بيوقوفي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ ڇا ٿيو، اسان ڀارتي جهاز ڪيرايو، پائليٽ کي خيرات ڏئي واپس ڪيو. بچاءَ واري وزير چيو ته ڀارت پاڙيسري ملڪن ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي کي اسپانسر ڪري ٿو، ڀارت ۾ سڌي حملي جي همت ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.