آرمي چيف پاران پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي ڏنل افطار ڊنر جو شيڊيول تبديل

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير طرفان ڪاڪول ڪئمپ ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي ڏنل افطار ڊنر جو شيڊيول تبديل ڪيو ويو آهي.
آرمي چيف طرفا ڪاڪول ڪئمپ ۾ شامل ڪرڪيٽرن کي ست اپريل تي افطار ڊنر جي دعوت ڏني وئي هئي، جڏهن ته هاڻ شيڊيول ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي ۽ قومي ڪرڪيٽرن کي اٺ اپريل تي افطار جي دعوت ڏني وئي آهي.
آرمي چيف سان افطار ڊنر تي پاڪ فوج جا اعليٰ آفيسر به شرڪت ڪندا، ان کانسواءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي به افطار ڊنر ۾ شريڪ هوندو.
ياد رهي ته پاڪ فوج جي جوانن جي سرپرستي ۾ قومي ڪرڪيٽرن جي فيزيڪل ٽريننگ ڪئمپ آرمي اسڪول آف فيزيڪل ٽريننگ سينٽر ايبٽ آباد ۾ جاري آهي جيڪا اٺ اپريل کان اڳ ختم ڪئي ويندي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.