هڪ مهيني ۾ امن امان يقيني بڻايو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته صوبي ۾ هڪ مهيني اندر امن امان يقيني بڻايو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي اختيارين کان 15 ڏينهن ۾ رپورٽون طلب ڪري ورتيون.
چيف جسٽس هدايت ڪئي ته ڪير ڪيترو به طاقتور هجي رعايت نه ڪئي وڃي، امن امان خراب ڪندڙ ڪيترائي به طاقتور هجن، کين انجام تي پهچايو وڃي.
اجلاس کانپوءِ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائمز، سيف سٽي ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن جو مسئلو ايجنڊا ۾ هو، چيف جسٽس بريفنگ ورتي ۽ هدايتون جاري ڪيون.
هن چيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز روڪڻ لاءِ گشت وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ جاچ جي حوالي سان اهم نڪتن تي گفتگو ڪئي وئي، يقيني بڻايو ويندو ته ڪوڙا ڪيس نه ٺهن، ائين بار به گهٽ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.