جن کي ڪير ناهي سڃاڻيندو اِهي به تنقيد ڪندا آهن : حارث رئوف

ايبٽ آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته اسان تي تنقيد ڪرڻ عوام جو حق آهي پر جيترو سوشل ميڊيا کان پري رهندئو آهيون زندگي ايتري سٺي گذرندي، ڇو ته هتي جن کي گهر ڀارتي به نه سڃاڻين اِهي به تنقيد ڪندا آهن.
فاسٽ بالر حارث رئوف چيو ته ايٿيلٽ لاءِ فٽنس جو هجڻ ضرورت آهي، ڪاڪول ڪئمپ ۾ جيڪو ٻڌايو پيو وڃي ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته هتي اسان آيا ئي سخت ٽريننگ لاءِ آهيون، نيشنل اڪيڊمي ۾ اسڪلز تي ڪم ٿيندو آهي پر هتي فٽنس تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جبل چڙهڻ واري ٽريننگ سان فائدو ٿيندو.
حارث رئوف چيو ته شروع ۾ انجري سبب ٽريننگ نه ڪئي هئي، انجري مان گهڻي حد تائين ري ڪور ٿي چڪو آهيان، اڃا وڌيڪ بحالي تي ڪم ڪري رهيون آهيان.
هن چيو ته اڃا بالنگ شروع ناهي ڪئي پر ويٽ ٽريننگ شروع ڪري چڪو آهيان، ٻن هفتن کانپوءِ بالنگ شروع ڪندس.
آرمي جوائن ڪرڻ خواهش هئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيس، اڄ جنهن مقام تي آهيان لاهور قلندرز جي ڪري آهيان.
حارث رئوف وڌيڪ چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ وڏو ايونٽ آهي، هر پليئر جي خواهش هوندي آهي ته اتي پرفارم ڪري، جڏهن پاڪستان لاءِ پهريون بال هلايو ان وقت دٻاءُ ۾ هئس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.