اداڪار عدنان پنهنجي تبصري تي معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اداڪار عدنان صديقي عورتن کي مکين سان ڀيٽڻ تي معافي ورتي آهي جنهن ۾ هن وضاحت به پيش ڪئي آهي.

عدنان صديقي سوشل ميڊيا تي اسٽوري ۾ پوسٽ لکي چيو آهي ته تازو انٽرويو ۾ عورتن تي تبصري لاءِ هو معزرت ڪري ٿو. هن لکيو ته سندس بيان مزاحيا انداز ۾ ڏنل هو، ڪنهن جي دل ڏکائڻ لاءِ نه هو پر هو سمجهي ٿو ته سندس لفظن جو غلط مطلب ورتو ويو آهي، سندس بيان سان غيرارادي طور تي ڪنهن جي به دل ڏکي آهي ان لاءِ هو معافي وٺڻ چاهي ٿو.

هن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ  لکيو آهي ته هو ايندڙ وقت ۾ پنهنجي ڳالهه ٻولهه محتاط انداز ۾ واضح ۽ صاف لفظن ۾ ڪندو.

عدنان صدیقی نے خواتین کیلئے مکھیوں کی مثال دینے پر معافی مانگ لی

واضح رهي ته تازو هڪ انٽرويو ۾ عدنان صديقي عورتن تي تبصرو ڪندي چيو ته عورتون مکين جيان هونديون آهن. جيترو عورتن جي پٺيان ڀڄندا عورتون به ايترو پري ڀڄنديون جڏهن ته توهان عورتن کان پري ٿيندا ته هو مک جيان توهان جي هٿ تي اچي وهنديون.

هن وڌيڪ مثال ڏيندي چيو هو ته هو مک جي ويجهو جيترو وڃي پيو ته مک ايترو پري اڏي پئي جڏهن هو ويهي رهيو ته مک سندس نڪ تي اچي ويٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.