فرانس جي 115 پارليامينٽ ميمبرن جو اسرائيل کي هٿيار کپائڻ تي پابندي جو مطالبو

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي پارليامينٽ جي 115 ميمبرن صدر ايمانوئل ميڪرون کي خط لکي اسرائيل کي هٿيار کپائڻ تي پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب صدر کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته فرانس کي اسرائيل جي جاري بدترين نسل ڪشي ۾ شريڪ نه بڻجڻ گهرجي.
فرانسيسي پارليامينٽ ميمبرن جو چوڻ آهي ته غزا پٽي ۾ اسرائيلي فورسز جي وحشياڻي حملن سبب شهادتون 33 هزارن کان وڌي ويون آهن، حڪومت اسرائيل کي فراهم ڪيل هٿيارن جا تفصيل پارليامينٽ ۾ پيش ڪري.
پارليامينٽ ميمبرن موجب فرانس جو هٿيارن جي فراهمي لاءِ اسرائيل سان معاهدو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.