شاهين کي تڙ تڪڙ ۾ ڪپتاني تان هٽايو ويو کيس موقعو ملڻ گهرجي ها: ذڪاءَ اشرف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ذڪاءَ اشرف چيو آهي ته شاهين آفريدي کي ڪپتاني تان هٽائڻ جو فيصلو تڙ تڪڙ ۾ ڪيو ويو آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ذڪاءَ اشرف چيو ته شاهين آفريدي کي ڪپتان طور مڪمل موقعو گهرجي ها، جڏهن ته شاهد آفريدي رضوان کي ڪپتان بڻائڻ جي صلاح ڏني هئي.
هن چيو ته ورلڊ ڪلاس بيٽر بابر اعظم لاءِ نيڪ خواهشون آهن، ڪوچ ملڪي هجن يا پرڏيهي صرف ٽيم جي بهتري لاءِ هجڻ گهرجن.
هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي گورنر شپ ملڻ جون ڳالهيون ميڊيا ۾ ٻڌيون آهن، اڃا تائين باظابطا آگاهه ناهي ڪيو ويو، گورنر پنجاب جي حوالي سان پارٽي ( پيپلز پارٽي ) جيڪو فيصلو ڪندي قبول ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.