گيري ڪرسٽن ۽ جيسن گليسپي کي ڪوچ بڻائڻ جو فيصلو، مددگار ڪوچ جي ڳولا شروع

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گيري ڪرسٽن ۽ جيسن گليسپي کي ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪريورتو جڏهن ته ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.
پي سي بي طرفان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ لاءِ اشتهار ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب، وائيٽ بال ۽ ريڊ بال جي هيڊ ڪوچز جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هاڻ اسسٽنٽ ڪوچ به ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 20 اپريل تائين خواهشمند اميدوار درخواستن جمع ڪرائي سگهندا، اسسٽنٽ ڪوچ ريڊ بال ۽ وائيٽ بال ڪوچ جو مددگار هوندو.
ٻئي پاسي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته هيڊ ڪوچز لاءِ پي سي بي معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن موجب، گيري ڪرسٽن ۽ جيسن گليسپي کي ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گيري ڪرسٽن وائيٽ بال ( ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ) جڏهن ته جيسن گليسپي ٽيسٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي رسمي ڪارروائيون مڪمل ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي، رسمي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد باظابطا طور ڪوچن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.