پي ٽي آءِ ۾ اختلاف، شهريار آفريدي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اندر اختلاف هاڻ کليل نموني سامهون اچي ويا.
پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي ڪوهاٽ جي جلسي ۾ پي ٽي آءِ قيادت کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته پارٽي اندر هن وقت ڪجهه منافق موجود آهن، ڪجهه ماڻهن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته هيل تائين چُپ آهيان، مون کي ڦاٽڻ تي مجبور نه ڪيو.
هن چيو ته هيءَ پارٽي انهن ماڻهن جي آهي، جن جي مائرن ۽ ڀينرن جي بي عزتي ٿي، علي امين گنڊاپور سميت سموري پارٽي قيادت کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڪارڪنن کي مٿي آڻيو.
سندس چوڻ هو ته پارٽي ۾ پيراشوٽ سان آيل ماڻهن کي رد ڪيون ٿا، جن پٺي ۾ ڇُرو هنيو، انهن کي وري ڀاڪر پائڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.