آمنا ۽ جنيد جو پروڊيوسر خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪار جنيد خان ۽ اداڪارا آمنا الياس پنهنجي ٽيلي فلم کي سينيمائن ۾ ريليز ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ پروڊيوسر خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽس موجب اداڪارن انسٽاگرام پوسٽس ۾ ٻڌايو آهي ته هنن چڙا چڙي نالي ٽيلي فلم ۾ ڪم ڪيو هو ۽ هنن سان معاهدو به ٽيلي فلم جو طئي ڪيو ويو هو پر کين اها ڄاڻ ملي آهي ته هن فلم کي فيچر فلم بڻائي سينيمائن تي ريليز ڪيو پيو وڃي جيڪو غير قانوني عمل آهي. ٻنهي اداڪارن جو چوڻ آهي ته هنن جنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪيو، اهو ٽيلي فلم جيان شوٽ ڪيو ويو، اهو تڪنيڪي، ڪهاڻي ۽ ڪردارن جي حوالي سان فيچر فلم ناهي.

ٻنهي موجب هاڻي ان ٽيلي فلم جو نالو تبديل ڪري ”هم تم اور وو“ ڪري فيچر فلم وانگر سينيمائن تي ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنيد خان ۽ آمنا الياس لکيو آهي ته هنن معاهدي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي پروڊيوسر نعمان خان خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ان کان سواءِ انهن پنهنجي سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي پوسٽس ڪندي لکيو آهي ته هو انهن سمورن ماڻهن ۽ فرمز جي خلاف به قانوني ڪارروائي ڪندا جيڪي ٽيلي فلم کي فيچر فلم بڻائي سينيما تي ڏيکارڻ ۾ ملوث هوندا.

ٻنهي اداڪارن جي قانوني ڪارروائي جي اعلان تي هن وقت تائين پروڊيوسر ڪو ردعمل ناهي ڏنو. فلم جي ٽريلر مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فلم کي ٽيلي فلم جي طور تي شوٽ ڪيو ويو آهي ۽ ڪهاڻي به ٽيلي فلم جي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.