ججن کي موڪليل خطن ۾ ڪهڙو مواد هو؟ فرانزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ججن کي موڪليل ڌمڪي جوڳن خطن مان برآمد ٿيندڙ مواد بابت رپورٽ سامهون اچي وئي.
جاچ ذريعن موجب بيسلس انٿراسس زمين مان پيدا ٿيندڙ هڪ بيڪٽيريا آهي، بيسلس انٿراسس عام طور تي جانورن ۾ هوندو آهي، فرانزڪ رپورٽ موجب خطن مان 70 ملي گرام آرسينڪ ملڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته خطن سان ججن جي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ تحريڪ ناموس پاڪستان جو حوالو ڏئي عدالتي نظام کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، خطن ۾ ويلڪم ٽو بيسلس انٿراسس لکيو ويو، اهي لفظ ججن کي ڌمڪائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا.
واقعي جو ڪيس هاءِ ڪورٽ جي سيڪيورٽي انچارج جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، اسلام آباد ويندڙ جاچ ٽيم اهم شاهديون حاصل ڪيون، خط موڪليندڙ عنصرن جي جلد نشاندهي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.