ڪار حادثي ۾ زخمي قومي وومين ڪرڪيٽرن بابت پي سي بي جو اهم بيان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ قومي وومين ڪرڪيٽرز جو سي ٽي اسڪين ڪليئر آيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، ٻئي رانديگرياڻيون گذريل رات روڊ حادثي ۾ معمولي زخمي ٿي پيون هيون، جنهن بعد سندن فوري طور سي ٽي اسڪين ڪرايو ويو هو.
پي سي بي موجب، ٻنهي ڪرڪيٽرز جي رپورٽ ڪليئر آئي آهي.
ياد رهي ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز جي تيارين لاءِ پاڪستان وومينز پليئرز جي ڪراچي ۾ تربيتي ڪئمپ لڳائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.