عيد الفطر تي 3 فلمون سينيمائن تي ريليز ٿينديون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عيد الفطر جي موقعي تي هن ڀيري پاڪستاني فلم جا مداح رڳو هڪ نئين فلم دغا باز دل نه ڏسندا پر هڪ نئين پنجابي فلم به مداحن کي ڏسڻ لاءِ ملندي.

رپورٽس موجب اهڙي طرح هن ڀيري هڪ پراڻي فلم ٽڪسالي گيٽ کي نون منظرن سان عيد جي موقعي تي ٻيهر سينيمائن ۾ پيش ڪيو ويندو جڏهن ته هڪ ٽيلي فلم هم تم ۽ هڪ ٻئي فيچر جي طور تي به سينيمائون ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن سان عام طور تي عيد جي موقعي تي نيون فلمون ريليز ڪيون وينديون آهن پر هن ڀيري رڳو هڪ ئي فلم دغا باز دل نئين فلم آهي جيڪا ريليز ٿيندي.

دغا باز دل ۾ مهوش حيات ۽ علي رحمٰن سان گڏ مومن ثاقب ۽ ٻين اداڪارن ايڪشن ۾ نظر ايندا. دغا بازدل جي ڪهاڻي رومانوي ڪاميڊي آهي جڏهن ته هڪ فيچر فلم جي طور تي پيش ٿيندڙ ٽيلي فلم هم تم ۽ اها به رومانوي ڪاميڊي فلم آهي.

اهڙي ريت پنجابي فلم بابل وير جي ڪهاڻي به مزاحيا آهي جڏهن ته ٽڪسالي گيٽ جي ڪهاڻي سماجي آهي ۽ ان فلم کي پهريون فيبروري ۾ ريليز ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ٻيهر ريليز ڪيو ويندو.

عيد الفطر جي موقعي تي پاڪستاني سينيمائن ۾ چئني فلمن کانسواءِ 4 يا ان کان وڌيڪ هالي ووڊ فلمون به ريليز ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.