چيمپيئنز ٽرافي، ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ بُري خبر

ڀارت هينئر کان ئي چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان مان ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪرائڻ جو شوشو ڇڏي ڏنو آهي.
گذريل سال بي سي سي آءِ ڀارتي حڪومت جو جواز ڄاڻائي پنهنجي ٽيم ايشيا ڪپ لاءِ موڪلڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو، جنهن سبب پي سي بي نالي ماتر هاءِ برڊ ماڊل تحت چئن ميچن جي ميزباني ملي ۽ فائنل سميت سمورو ايونٽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويو.
هائبرڊ ماڊل تحت ڀارتي ٽيم پنهنجو سڀ ميچون سريلنڪا ۾ کيڏي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جي صورت ۾ پنهنجي ٽيم عالمي ڪپ لاءِ ڀارت نه موڪلڻ جي ڌمڪي ڏني هئي پر ان تي قائم نه رهي سگهيو ۽ وسيع مفادن وارو پراڻو راڳ الاپي ٽيم ڀارت موڪلي ڇڏي.
هاڻ پاڪستان کي 2025ع ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪرڻي آهي ۽ سان ڀارتي ٽيم جي آمد بابت راندين واري وزير انوراگ ٺاڪر جو بيان سامهون آهي.
پنهنجي بيان ۾ ڀارت جي راندين واري وزير انوراگ ٺاڪر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان نه وڃڻ جو فيصلو برقرار رکندو.
ڀارتي حڪومت طرفان ٽِرڪ کيڏندي هڪ ڀيرو وري پاڪستان جي ميگا ايونٽ کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
انوراگ چيو ته جيستائين هو بي سي سي آءِ جو سربراهه رهيو ان معاملي تي سندس چٽو موقف رهيو ته دهشتگردي ۽ ڪرڪيٽ گڏگڏ نٿيون هلي سگهن.
هن چيو ته الزام لڳائيندي چيو ته پاڪستان ڀارت ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث رهيو آهي، راندين جا ميدان آباد ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي ڀارت دهشتگردي بند ڪرڻي پوندي.
هن زور ڏيندي چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان نه وڃڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.