اسلام آباد ( م ڊ ) عمران خان جي اجازت سان وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ سندس ڪابينا جي وزيرن ڪور ڪمانڊر پشاور سان ملاقات ڪئي ھئي.جنھن ۾ عمران خان کيس چيو ھو تھ ھو رڳو اھو خيال ڪري تھ ان دوران سندس تصوير جاري نھ ٿئي.جاويد چوڌري پنھنجي وي لاگ ۾ چيو آھي تھ روئوف حسن جو چوڻ ھو تھ ھو افطار جي دعوت تي ويو ھو.پر ھا ملاقات ڪور ڪمانڊر جي آفيس ۾ ٿي ھئي.عمران خان گنڊاپور کي چيو ھو تھ اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي سان صوبو نٿو ھلائي سگھجي، ان ڪري انھن سان گڏجي ھلڻو پوندو.