نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جي چونڊ رولڙي جو شڪار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي سليڪشن ڪميٽي جو مشاورتي عمل مڪمل نه ٿي سگهيو، اسڪواڊ جي اعلان کان اڳ ست اپريل تي سليڪٽرن جي هڪ ٻي ويهڪ جو امڪان آهي.
نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي امڪاني رانديگرن جي فٽنس ڪئمپ ڪاڪول ۾ جاري آهي جتي سليڪٽرن قومي وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سان به مشاورت ڪئي آهي.
ڪاڪول اڪيڊمي ۾ شروعاتي مشاورت کانپوءِ سليڪٽر لاهور واپس اچي چڪا آهن ۽ اسڪواڊ جي اعلان لاءِ مشاورتي عمل جاري آهي.
ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان اٺ اپريل تي متوقع آهي جڏهن ته ان کان اڳ حتمي اجلاس ست اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.