ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينير اداڪار صبا فيصل انڪشاف ڪيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ اچڻ کان اڳ سندس ڪپڙن جي فيڪٽري هئي جنهن ۾ هوءَ موجوده پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ۽ سندس مرحوم امڙ ڪلثوم نواز جا ڪپڙا سبيندي هئي.
تازو خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ صبا فيصل شرڪت ڪئي جنهن جي هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
انٽرويو ۾ صبا فيصل چيو آهي ته اداڪاري جي شعبي کان اڳ هوءَ پنهنجي ڪپڙن جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي هئي جتي هوءَ مريم نواز ۽ ڪلثوم نواز جا ڪپڙا سبندي هئي پر ڪراچي منتقل ٿيڻ کانپوءِ کيس فيڪٽري بند ڪرڻي پئي.
اداڪارا چيو آهي ته سندس ڪپڙن جو ڪاروبار بند ڪرڻ کانپوءِ 6 مهينن تائين هوءَ سوچيندي رهي ته ڇا اهو ڪرڻ کپي؟ هن استخارو به ڪيو ۽ الله سان رابطوڪيو جيئن ڄاڻ ملي ته کيس پڇتاءُ نه ٿيئي، هلندڙ بزنس بند ڪيو.
صبا فيصل چيو ته هوءَ بزنس بند ڪري ڪراچي هلي آئي پر کيس ڪو به پڇتاءُ ناهي، هن ڪڏهن پٺيان نه ڏٺو.
واضح رهي ته صبا فيصل ٽي وي تي اچڻ کان اڳ سرڪاري ٽي وي تي نيوز اينڪر به رهي چڪي آهي.