مارچ مهيني ۾ 18 گم ٿيل ماڻهو گهرن ۾ واپس پهتا: سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن پنهنجي ماهوار اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
رپورٽ موجب گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن مارچ ۾ 27 گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳايو ۽ گذريل مهيني 33 ڪيس اڪلايا، اهي ڪيس جبري گمشدگي جي نه هجڻ تي اڪلايا ويا.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته مارچ ۾ 18 گم ٿيل ماڻهو گهرن ۾ واپس پهتا، جڏهن ته پتو لڳايل 8 ماڻهو مختلف جيلن ۽ هڪ حراستي مرڪز ۾ آهي.
رپورٽ موجب مارچ ۾ ڪميشن کي جبري گمشدگي جا 18 نوان ڪيس وصول ٿيا، گم ٿيل ماڻهن جا ٻه هزار 302 ڪيس مختلف عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڪميشن کي پهرين اپريل تائين مجموعي طور تي 10 هزار 185 ڪيس وصول ٿيا، جن مان ڪميشن پهرين اپريل تائين 7 هزار 868 ڪيس اڪلائي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.