شاهد آفريدي سڀ کان ننڍي نياڻي سان گڏ عمرو ادا ڪري ورتو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ سڀ کان ننڍي نياڻي سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي.
رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عمري جي فضيلت کي نظر ۾ رکندي پنجاهه لک پانڌئيڙا سعودي عرب پهتا آهن، جيڪي آخري ڏهاڪي ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪندا.
ان سلسلي ۾ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي به عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ويو جتي هن پنهنجي سڀ کان ننڍي نياڻي سان گڏ عمرو ادا ڪيو.
شاهد آفريدي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نياڻين جو خواهشون پوريون ڪرڻ، سٺي پالنا دين جي بهترين خدمت آهي، الله اسان سڀني جي عورتن کي سدائين پنهنجي حفاظت ۾ رکي، آمين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.