ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ سينيئر ادڪارا صبا فيصل چيو آهي هن کي لفظ ” آنٽي ۾ کان چڙ آهي.
اداڪارا صبا فيصل نجي ٽي وي شو جي رمضان پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي.
پروگرام دوران هن لفظ ” آنٽي ۽ آپا “ بابت گفتگو ڪندي چيو ته ڪجهه عمر ۾ وڏا اداڪار به کيس ” آپا “ چوندا آهن مان سمجهان ٿي ته هو ائين احترام طور چوندا آهن.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته مون کي ” آنٽي “ لفظ برو لڳندو آهي، ڪنهن اِهو لفظ چوڻ به ناهيان ڏيندي ۽ سڀني کي سختيءَ سان منع ڪندي آهيان.
You might also like