اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي جسٽس ثمن رفعت امتياز ٻڌڻي ڪئي، جتي شيرين مزاري پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿي.
نيب پراسيڪيوٽر رافع مقصود چيو ته اسان مارچ ۾ ئي شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪري ڇڏي هئي، هوءَ 190 ملين پائونڊ نيب ڪيس ۾ جوابدار ناهي.
اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته اسان به 27 مارچ تي وزيراعظم کي خط لکي اطلاع ڏنو هو ته شيرين مزاري ان ڪيس ۾ ملوث ناهي.
جسٽس ثمن رفعت امتياز چيو ته ڪابينا وٽ ٻيا گهڻاڪم آهن، اهو ڪم اسان ٿا ڪري ڇڏيون.
عدالت شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.