ايران ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن تي حملا، 11 اهلڪار مارجي ويا، جوابي ڪارروائي ۾ 16 دهشتگرد ماريا ويا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي شهر راسڪ ۽ چاه بهار ۾ هڪ ئي وقت پوليس ۽ ملٽري پوسٽن تي حملا ويا.
ايراني ميڊيا موجب فورسز پوليس ۽ ملٽري چيڪ پوسٽن تي حملي ۾ ملوث 16 دهشتگردن کي آپريشن ۾ ماري ڇڏيو.
ايراني اختيارين ٻڌايو ته چاه بهار، راسڪ ۾ هڪ ئي وقت حملا ٿيا، جيش العدل جي حملي کي مڪمل طور ناڪام بڻايو ويو آهي.
اختيارين موجب حملي ۾ ملوث سمورا دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته حملو ناڪام بڻائيندي 11 سيڪيورٽي اهلڪار به مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.