ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس ڪاروبار دوران تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 68 هزارن جي حد پار ڪري ويو.
اڄ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان ئي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 473 پوائنٽن جي واڌ سان 68 هزار 229 تي وڃي پهتو، جڏهن ته ڪاروبار جي پڄاڻي 660 پوائنٽون واڌ سان 68 هزار 416 پوائنٽن تي ٿي.
You might also like