ڀٽو جو عدالتي قتل پاڪستان خلاف ڪِريل سازش هئي: صدر آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عوام جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل حقيقت ۾ پاڪستان جي آزادي، خود مختياري ۽ خود داري خلاف ڪِريل سازش هئي.
ذوالفقار علي ڀٽو جي 45هين شهادت ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد پنهنجي وطن ۽ عوام سان عشق ڪندو هو، هن جنگ سان تباهه ٿيل ملڪ جي ٻيهر تعمير ڪري ان کي دنيا جي باوقار ملڪن جي صف ۾ شامل ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جي عوام کي سوچڻ جو شعور، ڳالهائڻ لاءِ زبان ۽ فخر سان ڪنڌ کڻي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو.
هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جي جدوجهد ڪري رهيو هو ته ملڪ توانائي، صحت ۽ زرعي طور ترقي يافته بڻجي دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ پهرئين نمبر تي بيهي.
سندس چوڻ هو ته قائد عوام جو عدالتي قتل حقيقت ۾ تيز رفتاري سان ترقي جون منزلون طئي ڪندڙ ملڪ جي پٺي ۾ ڇُرو هڻڻ جهڙو هو، اها پاڪستان جي آزادي، خود مختياري ۽ خود داري خلاف ڪِريل سازش هئي.
صدر آصف زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي نقش قدم تي هلندي اسان بنا ڪنهن خوف ۽ گهٻراهٽ جي پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪنداسين، هيءَ ڌرتي اسان لاءِ مقدس آهي، هن ڌرتي کي جنت جهڙو بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.