”شاهين ڳالهه نه مڃي“ ڪپتان تبديليءَ واري معاملي آفريدي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته هن شاهين آفريدي کي سدائين ڪپتاني کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته هو چاهي ٿو ته شاهين آفريدي پنهنجي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي، جڏهن شاهين کي لاهور قلندرز وارن ڪپتاني جي آڇ ڪئي هئي تڏهن مون کيس روڪيو هو.
شاهد آفريدي چيو ته مون سميت ڪيئي اڳوڻن ڪپتانن جو انجام سٺو ناهي رهيو، ڪپتاني واري معاملي ۾ شاهين آفريديءَ منهنجي ڳالهه نه مڃي.
اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته اڳوڻي پي سي بي چيئرمين کي بابر اعظم کي ٽيسٽ جو ڪپتان برقرار رکڻ ۽ محمد رضوان کي وائيٽ بال جو ڪپتان بڻائڻ جي صلاح ڏني هئي.
هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ لاءِ تعليم هجڻ ضروري آهي، ملڪ ۾ اهڙا شهر به آهن جتي سوشل ميڊيا پهريان ۽ تعليم پوءِ پهتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.