پاڪستان ۾ وڌيڪ هڪ ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ وڃڻ جو خدشو:عالمي بئنڪ

واشنگٽن(م ڊ) عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ وڌيڪ هڪ ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. عالمي بينڪ جي پاڪستان ڊولپمينٽ اپڊيٽ رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو بدران 1.8 سيڪڙو رهندي. پاڪستان ڊولپمينٽ اپڊيٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميڪرو اڪنامڪ خطرا برقرار آهن ۽ قرضن جو بار وڌيو آهي، مالي سال 23-2022ع ۾ غربت جي شرح ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي، اضافي هڪ ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويا آهن.  رپورٽ موجب تنگ ميڪرو اڪنامڪ پاليسي ۽ وڌندڙ قرضن سبب سيڙپڪاري سست ٿي وئي آهي، بنيادي توازن جي ڊي پي جو 0.1 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جيڪو ايندڙ مالي سال ۾ 0.3 سيڪڙو هوندو.  ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 0.7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيڪ گهٽجي جي ڊي پي جي 0.6 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي..رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي امڪاني پرڏيهي قرضن جي گهرج ۾ ڪا تبديلي نه ايندي، هلندڙ مالي سال ۾ قرضن جو تناسب جي ڊي پي جي 73.1 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ قرضن جو تناسب جي ڊي پي جي 72.5 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي. عالمي بئنڪ جي رپورٽ موجب مضبوط زرعي پيداوار سبب مالي سال 2024ع جي پهرين اڌ ۾ معاشي سرگرميون بهتر ٿيون، اعتماد ۾ بهتري سان گڏ ڪجهه ٻين شعبن ۾ به بحالي ۾ مدد ملي آهي پر ترقي ۽ بهتري جي اها شرح غربت گهٽجڻ لاءِ ڪافي نه آهي. غربت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.