پاڪستان ۾ عالمي اسٽيبلشيمينٽ جي ويڙهه؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) دنيا جي نمبر ون انٽيليجنس ايجنسي طور گڻ ڳارائيندڙ آءِ ايس آءِ جي امتحان جو وقت اچي ويو،ريشما نالي عورت پاران 8 ججن کي انٿراڪس ڌمڪي وارا خط مليا آهن،گلشاد نالي هڪ ٻي عورت به چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 5 ججن،لاهور هاءِ ڪورٽ جي چار ججن کي به خط مليو آهي، سي ٽي ڊي،ايف آءِ اي وارن ان ڪيس جي جاچ تان هٿ کڻي ڇڏيا آهن، عام تاثر اهو آهي ته خط ڳجهي ايجنسي موڪليا آهن، سي ٽي ڊي جي ڊي آءِ جي عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته اهي خط راولپنڊي جي پوسٽ آفيس مان آيل آهن،صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته انهن ڪيسن جي جاچ به لڳي ٿو ته آءِ ايس آءِ کان ڪرائي ويندي، ته اها گيم سادي ناهي،اها عالمي اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ جهيڙي جي آهي جنهن ۾ پاڪستان جا ترا ڪڍڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي،سي پيڪ معاملي تي پاڪستان کي ڏچي ۾ ڦاسايو پيو وڃي، اڊيالا جيل ۾ قيد عمران خان کي سياسي طور زندهه رکڻ لاءِ ٽڪساٽ ڪيا پيا وڃن،ملڪ ۾ ڏڦيڙ ئي ڏڦيڙ جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، آءِ ايس آءِ سچي ٿئي ته انهن خطن پٺيان ڪردارن تائين پهچي سگهي ٿي،

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، خميس 04 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.