پي ٽي آءِ پاران مرضيءَ جي فيصلن لاءِ عدليه جي بليڪ ميلنگ

اسلام آباد (ع آ نيوز) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط واري معاملي تي پي ٽي آءِ عدليه کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته حڪومت پاران ٺاهيل انڪوائري ڪميشن جي سربراهه اڳوڻي چيف جسٽس تصدق جيلاني سياسي دٻاءَ سبب معاملي جي جاچ ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته سندس نالو سامهون اچڻ کانپوءِ مٿس تنقيد ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو. تجزيه نگار عمران شفقت موجب پي ٽي آءِ حڪومت سميت سڀني ڌرين کي بليڪ ميل ڪري پنهنجو موقف مڃائڻ چاهي ٿي. تحريڪ انصاف جي دور ۾ به ججز کان مرضيءَ جا فيصلا وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. عمران شفقت موجب ججز کي سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ بدران عدليه ۾ ٿيندڙ  مداخلت تي پاڻ ئي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها. عدليه جيڪڏهن نواز شريف ۽ ٻين مخالفن خلاف ڪارروائي ڪري ته ٺيڪ نه ته پي ٽي آءِ مٿس تنقيد ڪندي رهندي. هاڻي به جيڪڏهن فيصلو پي ٽي آءِ وارن جي دل وٽان نه آيو ته اهي آسمان مٿي تي کڻندا ۽ روڊن تي نڪري ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.