عمران خان شير افضل مروت کي فوڪل پرسنز جي فهرست مان ڪڍرائي ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان شير افضل مروت کي فوڪل پرسن جي ذميوارين تان هٽائيندي پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم به ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان طرفان اهو فيصلو ڪور ڪميٽي جي سفارشن تي ڪيو ويو آهي، عمران خان شير افضل مروت ۽ عمير نيازي کي اڊيالا جيل ۾ ملاقاتن جي لاءِ نالا ڏيڻ جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب عمران خان ڪور ڪميٽي جي سفارشن کي منظور ڪندي ملاقاتن لاءِ نون نالن جي فهرست ڏئي ڇڏي آهي، جن ۾ عمر ايوب،  سينيٽر شبلي فراز، علي ظفر ۽ بئريسٽر گوهر کي شامل ڪيو ويو آهي،عمران خان شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ جي متوازي پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم به ختم ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.