ڪابينا اڳوڻي نيول چيف کي پرڏيهي ايوارڊ وصولي جي اجازت سميت 6 نڪاتي ايجنڊا منظور ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس 6 نڪاتي ايجنڊا منظور ڪري ورتي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 6 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪابينا سموري 6 نڪاتي ايجنڊا منظور ڪري ورتي.
وفاقي ڪابينا ايس ايم اي بئنڪ جي صدر جي استعيفيٰ ۽ نئين صدر جي مقرري جي منظوري ڏني، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اڪنامڪ پاليسي اسٽيٽمينٽ جي منظوري به ڏني وئي.
اجلاس ۾ اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل امجد خان نيازي کي پرڏيهي ايوارڊ وصول ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ پوليس جي تحويل ۾ شهباز شبير تي تشدد تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري به ڏني وئي
ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا عورتن لاءِ قومي ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري به ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.