اسلام آباد/ لاهور (م ڊي) ڌمڪين وارن خطن جو سلسلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ تائين پهچي ويو، چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي ڌمڪي وارا خط ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چئن ججن کي به ڌمڪين ۽ انٿريڪس پائوڊر وارا خط ملي چڪا آهن. نيوز جي رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس اطهر من الله، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل کي پهرين اپريل تي ڌمڪي وارا خط موڪليا ويا هئا. ذريعن موجب چئني خطن ۾ پائوڊر مليا ۽ ڌمڪي وارا انگ اکر ٺاهيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي چئن ججن کي خط ملڻ جو ڪيس ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۾ داخل ڪيو ويندو.ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي ٽيم ان معاملي تي رجسٽرار سپريم ڪورٽ سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس سپريم ڪورٽ جي ججن کي لکيل خطن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻئي طرف وفاقي پوليس ججن کي خط وصول ڪرڻ جو الڳ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو پوليس اسٽيشن سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران ججن کي مليل ڌمڪي وارن خطن جي معاملي تي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آپريشن شهزاد بخاري عدالت ۾ پيش ٿيو، سينيئر سپرنٽينڊنٽ پوليس سي ٽي ڊي همايون حمزا به عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊي آءِ جي ٻڌايو ته هيل تائين ڪنهن وٽ انسپيڪٽر جنرل جي چارج ناهي، ان لاءِ اسلام آباد پوليس جا سڀ آپريشنز مان ڏسي رهيو آهيان، ڪيميائي معائني لاءِ نمونا موڪليا ويا آهن، ٽن کان چئن ڏينهن ۾ رپورٽ اچي ويندي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪٿان خط پوسٽ ڪيو ويو هو؟ ڊي آءِ جي ٻڌايو ته اسٽيمپ پڙهڻ ۾ نه پيو اچي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن کي به ساڳئي نالي سان خط مليا آهن. ان تي پي ٽي آءِ باني جي وڪيل چيو ته سلمان صفدر چيو ته کين هر صورت ريشما کي ڳولڻ گهرجي. ان تي چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته اوهان به اسٽيمپ پٺيان پئجي ويا آهيو، ڇا سڀ خط هڪ ئي ڊاڪ خاني مان آيا آهن؟ ڊي آءِ جي پوليس ٻڌايو ته خطن تي اسٽيمپ ڊٺل آهي پر راولپنڊي جي اسٽيمپ پڙهي سگهجي ٿي، عدالت دريافت ڪيو ته اوهان ٻنهي آفيسرن خطن جا لفافا ڏٺا آهن؟ ايس ايس پي سي ٽي ڊي جواب ڏنو ته ظاهري طور تي راولپنڊي جنرل پوسٽ آفيس لڳي ٿي، جي پي او ۾ پوسٽ ناهي ٿيو، ڪنهن ليٽر باڪس ۾ وڌو آهي، اسان ان ليٽر باڪس جي سي سي ٽي وي ۽ ايريا جي ڄاڻ وٺي رهيا آهيون، ان حوالي سان جاچ جاري آهي. پوليس عملدارن چيو ته جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي.چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيس داخل ڪيو، هيل تائين اڳڀرائي ڪهڙي ٿي؟ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل ٻڌايو ته اسان نمونا ليب موڪليا آهن، پوليس عملدار انڪشاف ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي ججز کي به خط مليا آهن. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي به اهڙا خط مليا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججز کي گذريل ڏينهن پائوڊر ڀريل شڪي ڌمڪي وارا خط ملڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5ججز کي به ڌمڪي وارا خط ملڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌمڪي وارا خط چيف جسٽس جسٽس ملڪ شهزاد،جسٽس شجاعت علي خان، جسٽس شاهد بلال حسن، جسٽس عابد عزيز شيخ ۽ جسٽس عاليا نيلم جي نالي موڪليا ويا. ذريعن موجب ڌمڪي وارا خط ڪوريئر ڪمپني جي ملازم پهچايا جنهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ججن کي موڪليل خطن تي مختلف ماڻهن جا نالا لکيل آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي موڪليل خطن جي لفافن تي ريشم، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن کي لکيل خطن تي محمد فاضل ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي مليل خطن جي لفافن تي گلشاد خط موڪليندڙ جو نالو گلشاد خاتون لکيو ويو آهي، سڀني خطن ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته انهن تي هڪ ننڍڙي تنظيم ”تحريڪ ناموس پاڪستان“ جو نالو لکيل هو. جڏهن ته ججن کي خط لکڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.