شهباز شريف ۽ محسن نقوي ۾ اختيارن جي جنگ تيز

اسلام آباد (ع آ نيوز) موجودہ حڪومت کي ٺهي اڃا ٿورا ئي ڏينهن ٿيا آهن پر هاڻي کان ئي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۾ اختيارن جي جنگ تيز ٿي وئي آهي. چيو پيو وڃي ته محسن نقوي هينئر وزيراعظم جا اختيار استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن تان شهباز شريف ناراض آهي. ان حوالي سان اڳوڻي وفاقي وزير راڻا ثنا ﷲ جو به چوڻ آهي ته محسن نقوي طاقتور ڌرين جو ماڻهو آهي، هو وفاقي ڪابينا مٿان مڙهيل آهي، هو اڻوڻندڙ ماڻهو آهي، جنهن کي نواز ليگ پسند نه ٿي ڪري. شهباز شريف وٽ ان کي برداشت ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي. تجزيه نگار معظم فخر موجب وزيراعظم ۽ نقوي ۾ هلندڙ سرد جنگ هن جي اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن خراب ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيڪا ٻنهي ڌرين ۾ ڏار وجهندي ۽ ان سان اڳتي هلي سياسي بحران وڌي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.