آئين مڃيندڙن ۽ نه مڃيندڙن ۾ جنگ ڇڙي پئي آهي: محمود اچڪزئي

ڪوئيٽا(م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پاڪستان ۾ آئين کي مڃڻ وارن ۽ آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهندڙن وچ ۾ جنگ ڇڙي چڪي آهي،ججن کي ڌمڪين وارا خط به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جيستائين پاڪستان ۾ آئين مڪمل طور تي بحال نه ٿيندو پاڪستان ٻڏندو ويندو جنهن کان آئين جي پاسداري جو حلف ورتو ويو آهي ان کي آئين جي حفاظت ڪرڻي پوندي، نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آئين ۾ ادارن جو ڪردار واضح آهي، هر ادارو پنهنجي دائري ۾ رهي،

محمود اچڪزئي کي سپريم ڪورٽ وڃڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي سپريم ڪورٽ ۾ اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو، محمود اچڪزئي سپريم ڪورٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ وڃڻ پئي چاهيو ته پوليس کيس روڪي ورتو،ان دوران هڪ سادي لباس ۾ هڪ شخص اچي پوليس اهلڪارن کي گارگند ڪيو  ته توهان محمود خان اچڪزئي کي عدالت اندر داخل ٿيڻ ڇو ڏنو،محمود خان اچڪزئي چيو ته مان ججن کي ڌمڪين واري ڪيس جي سلسلي ۾ ٻڌڻي ۾ شريڪ ٿيڻ آيس ته پوليس مون کي روڪي ڇڏيو، انهن کان پڇيو وڃي ته مون کي ڇو روڪيو اٿن؟صحافين پاران وڊيو ٺاهڻ کان پوءِ محمود خان اچڪزئي کي عدالت ۾ اندر وڃڻ ڏنو ويو.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، خميس 04 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.