مالديپ کانپوءِ بنگلاديش ۾ به ”انڊيا آئوٽ“ مهم، حسينه واجد جو سخت موقف

ڍاڪا(م ڊ)مالديپ کانپوءِ بنگلاديش ۾ ڀارت جي مسلسل مداخلت کان پوءِ ”انڊيا آئوٽ“ تحريڪ زور وٺي وئي آهي،ملڪ ۾ اها مهم ڪجهه انفلوئنسرز،سماجي ڪارڪنن ۽ سياسي شخصيتن پاران شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کي عوام ۽ مخالف ڌر جي سياستدانن جي هڪ حصي جي حمايت حاصل آهي،  بنگلاديش ۾ ”انڊيا آئوٽ“ مهم جي ڪاميابي تي وزيراعظم حسينه واجد ايوان ۾ اپوزيشن تي مڇرجي پئي، وزيراعظم شيخ حسينه واجد ملڪ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عبدالڪبير رضوي جي ڀارتي شين جي بائيڪاٽ جي مطالبي جي جواب ۾ چيو آهي ته جڏهن مخالف ڌر بي اين پي اقتدار ۾ هئي ته سندس حڪومت جا وزير ۽ سندن گهرواريون هندستان جي دوري دوران ساڙهيون خريد ڪندا هئا ۽ بنگلاديش ۾ وڪرو ڪندا هئا.وزيراعظم مخالف ڌر جي اڳواڻن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته سندن زالن وٽ ڪيتريون ڀارتي ساڙهيون آهن؟ سڀ کان پهرين ته اهي گهروارين جون ڀارتي ساڙهيون ساڙين؟هن چيو ته انڊيا کان ايندڙ گرم مصالحا،بصر،ٿوم ۽ ٻيون شيون به بي اين پي اڳواڻن جي گهرن ۾ نه نظر اچڻ گهرجن،سياسي مبصرن جو چوڻ آهي.ته بنگلاديش ٽن طرفن کان زمين سان انڊيا کان گهيريل آهي، ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل روايتون آهن، انڊين شين جي بائيڪاٽ سان بنگلاديش ۾ مهانگائي وڌندي، انڊيا آئوٽ مهم هلائڻ وارا بنگلاديش جي سياست ۾ ڪا حيثيت نٿا رکن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.