سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ايس ايس ٽي امتحان ٻيهر وٺڻ جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت ڏيڍ مهينو اڳ پيپر آئوٽ ٿيڻ ڪري رد ٿيل سيڪنڊري اسڪول ٽيچر (ايس ايس ٽي) جي امتحانن وارو معاملو، پبلڪ سروس ڪميشن رد ٿيل امتحان ٻيهر وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي جي ڪري سمورا پيپر رد ڪري معاملو پوليس ڏانهن موڪليو ويو هو، جنھن جي مڪمل جاچ کانپوءِ ثبوتن جي بنياد تحت ملوث عملدارن خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي. ايس ايس ٽي جا امتحان ٻيهر وٺڻ بابت شيڊيول 23 اپريل 2024ع کان جاري ڪيو ويندو، سنڌ پبلڪ سروس ڪيمشن جي پڌرائي موجب اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي کاتي ۾ ملتوي ڪيل ايس ايس ٽي (بي پي ايس 16) جي امتحان جو شيڊيول 23 اپريل 2024ع کان جاري ڪيو ويندو. رٿيل شيڊيول ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار(بي پي ايس 17)، اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۾ اي ايس آئي(بي پي ايس 09) پڻ شامل ڪيو ويو آھي، واضح رھي ته ايس ايس ٽي (بي پي ايس 16) جو لکت وارو امتحان 15 فيبروري 2024ع تائين جاري رھيو، جنھن ۾ 4 لک اميدوارن جي شرڪت ممڪن ھئي، ڄاڻايل امتحان شيڊيول مطابق 15 فيبروري کان 20 فيبروري تائين جاري رھيو، جڏھن ته 20 فيبروري تي امتحاني پرچي جي سوشل ميڊيا ذريعي ظاھر ٿيڻ واري معاملي سبب اهو سڄو امتحان تڪراري ٿي ويو. ترجمان موجب اھڙي عمل کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪيمشن جي اختيارين شفافيت، ميرٽ ۽ احتساب جي عزم کي برقرار رکڻ لاءِ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر (BS-16) (جنرل ۽ سائنس ڪيٽيگري) جا سمورا پيپر اتفاق راءِ سان منسوخ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هوڏانهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اعليٰ اختيارين جي هدايتن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن واري ڪنٽرولر عبدالحفيظ لغاري پاران ملوث جوابدارن خلاف داخل ايف آءِ آر تحت ڪارروئي پڻ عمل ۾ آندي وئي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.