پريا ڪماري بابت جي آءِ ٽي مان خاص اميد نٿا رکون، لڏڻ تي مجبور آهيون: هندو پنچائت

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سکر جي سنگرار مان اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي والد راج ڪمار،  هندو پنچائت اڳواڻن مکي ايشور لعل، مکي وسومل، مکي اشوڪ ڪمار ، مکي لڌو مل، مکي وڪي ڪمار  ۽ ٻين سکر پريس ڪلب ۾ گڏيل  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڍائي سال اڳ سنگرار ۾ پريا ڪماري سبيل هلائيندي اغوا ٿي هئي جيڪا هن وقت تائين آزاد ناهي ٿي سگهي   جنهن سبب هندو برادري سخت پريشاني ۾ ورتل آهي، موجوده حڪومت ۾ جوڙيل جي آءِ ٽي کي ڀليڪار چئون ٿا ان وقت جي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ٽي ڏينهن سکر ۾ ترسيو هو پر خبر ناهي ته هن مهل تائين ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هندو برادري غير محفوظ بڻيل آهيون، حڪومت اسان کي سڪيورٽي فراهم ڪري سنڌ حڪومت جي جوڙيل جي آءِ ٽي ۾ عدالت کيبه گڏ کنيو وڃي، پاور فل هوندي سوشل ميڊيا تي غلط افواهون ۽ ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، اسان جي نياڻين جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، سنڌ هائي ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل جي آئي ٽي وانگر هن جي آءِ ٽي کي مضبوط ڪيو وڃي، هي ڪيس هاءِ پروفائيل ٿي ويو آهي ڪيس ۾هر طبقي جي ماڻھن جا شڪر گذار آهيون، اسين سنڌ ۾ رهندڙ هندو اذيت جو شڪار آهيون، ظلم کان تنگ ٿي 12 سيڪڙو هندو برادري ملڪ ڇڏي ويا آھن، هندو برادري جي ڪاروباري ماڻھن کي اغوا ڪري ڀنگ ۽  ڀتو به گهريو پيو وڃي ٿو،اسين بنيادي طور تي پ پ سان گڏ آھيون، ان باوجود پ پ چيئرمين يا وڏي وزير مراد علي شاهه ڪڏھن به اسان کي گهرائي ڏک سور ناهي پڇيو، جڏهن ته سکر جي پ پ اميدوارن کي هميشه ووٽ ڏيندا رهيا آھيون پر ڪوبه پ پ سياستدان پريا ڪماري جي گهر لڙي ناهي آيو اسان جون اکيون انهن جي اچڻ لاءِ ترسي رهيون آھن، سنڌ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي اسان واپار ڪندا آهيون اسي سيڪڙو واپار اسان ڪندا آهيون ملڪ جي معيشت ۾ اسين ڀاڱي ڀائيوار آهيون، مکي ايشور لال جو چوڻ هو ته اقليتي سيٽن تي چونڊيل نمائنده اسان جا ناهن پر هتان جا چونڊيل نمائنده اسان جا آهن اسان جي برادري هميشه انهن کي ياد ڏياريو آهي پر هن مهل تائين ڪجهه ناهي ٿيو عورت جو هڪ پردو ۽ تقدس آهي جنهن تحت پريا جي ماءُ هتي ناهي آئي، مکي ايشور لال جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان پريس ڪلب کان ٻٻرلوءِ بائي پاس تائين مارچ ڪري رستو بند ڪيو سنڌ جي هر ننڍي وڏي شھر ۾ پريا جي آزاد لاءِ احتجاج ٿي رهيا آھن پر منهنجي نياڻي جي هن مهل تائين ڪا به خبر ناهي پئي، پريا  ڪماري جي والد راج ڪمار جو چوڻ هو ته  اڳ به جي آءِ ٽيز جڙيون هيون هن جي آءِ ٽي مان به مطمئن ڪندڙ نتيجن جي اميد نٿا رکي سگهون، راجڪمار جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ادارن تي نظر رکي ويٺا آهيون، اهي ئي پريا کي بازياب ڪرائيندا ، سوشل ميڊيا تي واويلا ۽ ڪردار ڪشي ڪندڙ خاموش ٿي وڃن، اسان جو موقف واضح آھي اسان کي چورن ۽ ڏوهارين مان خطرو آهي پاڪستان ٺھڻ کان اڳ چوڏنهن سيڪڙو آبادي هئي جنهن مان ساڍا ٻارنهن سيڪڙو لڏي ويا آهن.

پريا ڪماري جا والدين سخت دٻاءُ جو شڪار

سکر(رپورٽ : آزاد مهر)   پريا ڪماري وارو معامرو نئون رخ اختيار ڪري ويو، پريا ڪماري جا وارث سخت دٻاءُ هيٺ، مشتاق سرڪي  پاران سوشل ميڊيا تي پريا جي ڪراچي ۾ ٽيوشن وٺڻ جي دعويٰ،  ٻي پاسي وري پريا جي سنگرار جي شاهه جي حويلي ۾ هجڻ جي پڻ دعويٰ، سچائي کان  اڃا تائين پردو نه هٽي سگهيو، پوليس جي مڪمل  خاموشي  پڻ هڪ  معمو بڻيل، پريا جي امڙ هڪدم منظر تان غائب، پريا جي امڙ دٻاءُ سبب  پريس ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت نه ڪئي ذريعن موجب 2 سال اڳ 9 محرم تي سنگرار جي علائقي مان اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جي معاملو هڪ نئون رخ اختيار  ڪري ويو آهي  صحافي مشتاق سرڪي پاران سوشل ميڊيا تي اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پريا ڪماري ڪراچي جي هڪ هنڌ ٽيوشن وٺي رهي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي اها پڻ دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته پريا ڪماري سنگرار جي شاهه جي حويلي ۾ قيد آهي،اها خبر  سوشل ميڊيا  ۾ وائرل ٿيڻ کانپوءِ   هڪدم مکي ايشور لعل پريس ڪانفرنس ۾ پريا ڪماري جي والد راجڪمار سوشل ميڊيا تي واويلا ۽ ڪردار ڪشي ڪندڙن کي خاموش ٿيڻ جو واضح اشارو ڏنو آهي ۽  پر حقيقت تان اڃان تائين پردو ناهي هٽي سگهيو  ذريعن جو چوڻ آهي دٻاءُ سبب  پريا ڪماري جي امڙ به منظر عام تان غائب ٿي وئي آهي ۽ پريس ڪانفرنس ۾ پريا جو والد به مايوس نظر آيو. هوڏانهن سکر پوليس پڻ ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن سبب پريا ڪماري جا وارث سنڌ حڪومت پاران ٺاهيل نئين جي آءِ ٽي مان پڻ غير مطمئن نظر اچي رهيا آهن.

ڪراچي ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مظاهرا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب اڳيان معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سول سوسائٽي آرگنائيزيشن پاران احتجاجي مظاھرا،ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران عزيز فاطمھ،سيد حميد شاھھ،روپ چند سڪراڻي، اشوڪ ناٿ جي اڳواڻي ھيٺ احتجاجي  مظاھرو ڪندي معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي تھ معصوم پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي، پريشاني دور ڪئي وڃي. جڏھن تھ سنڌ سڀا تنظيم (انعام سنڌي) پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي جمعو خان تيوڻو ڪري رھيو ھو. مظاھرين پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪندي کيس بازياب ڪرائڻ جا مطالبا ڪندا رھيا.

پريا ڪماري آزاد نه ٿي سگهي، سنڌ ۾ مظاهرا، ڌرڻا جاري

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر  (نمائندن وٽان) سکر جي شھر سنگرار مان اغوا ٿيل نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ قومي عوامي تحريڪ، جسقم، سول سوسائٽي ۽ شهرين طرفان مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ۽ ڌرڻا ھنيا ويا. قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي چوٿين ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ ضلعي صدر سڪندر لاشاري، اسلم سومرو، جميل احمد لاڙ، سھيل ابڙو، غلام رضا ميمڻ، مدثر ھانڀي ۽ فاروق ھليو جي اڳواڻي ۾ جناح باغ چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، ڊگھڙي ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي، ڪامريڍڊ ڪرڙ ريٻاري، شوڪت نوحاڻي، بابو نوحاڻي، مير ايوب ٽالپر، سليم ڪلوئي، منير نوحاڻي، علي رضا نوحاڻي  ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو، ڪوٽڙي ۾ سنڌي مزدور تحريڪ جي امداد پنھور، اعجاز سومرو، شبير ساند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله واري چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، ٽنڊو باگو ۾ گل حسن چانڊيو، عبدلرشيد گوپانگ ۽ ابراھيم بليدي جي اڳواڻي ريلي ڪڍيي وئي. ريلي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻ عرفان روستماڻي، ممتاز بليدي، حيدر علي چانڊيو، پيرڏنو چانڊيو، زاھد چانڊيو، غلام محمد ملاح، گل ڀيل، زاھد چانڊيو، خالد چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو، عبدالڪريم چانڊيو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، نئون دمبالو ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل خلاف ۽ پرياڪماري جي آزادي لاءِ قومي عوامي تحريڪ طرفان بچل احمداڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ سڪندر لاشاري، ڪرڙ لٻاڙي، امداد پنھور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي ھٿرادو بدامني جي باھ ۾ ساڙيو پيو وڃي، 23 مھينا اڳ پريا ڪماري سکر  جي علائقي سنگرار مان اغوا ٿي جنهن جو اڄ تائين ڪو به ڏس پتو ناھي. سنڌ ۾ بدمعاشي، ڏوھاري ۽ ڌاڙيلن جو راڄ آھي، پ پ حڪومت ڌاڙيلن جي  پٺڀرائي ڪري رھي آھي، حڪومت نٿي چاھي ته پريا ڪماري آزاد ٿئي،  معصوم ٻار به اغوا ٿي رهيا آهن، ڪير به پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهي، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻئي پاسي اوٻاوڙو  ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا ۽ مختلف تنظيمن پاران پريس ڪلب اڳيان انعام سنڌي، نصرالله گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جتي اوٻاوڙو کان سکر ٻٻرلو باءِ پاس تائين اٺن ڏينھن جي پيادل لانگ مارچ جو اعلان ان موقعي تي سنڌ سڀا جي اڳواڻ  انعام سنڌي نصرالله گڏاڻي اڪبر گنب مجيد سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ظلم جي انتھا جو معصوم نياڻي پرياڪماري کي وحشي ماڻهن اغوا ڪري بزدلي جو مظاھرو ڪيو آھي افسوس انھي ڳالھ جو آھي جو سنڌ ۾ پ پ حڪومت ۾ ويٺل سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ انڌن ٻوڙن گونگن اڃان تائين پرياڪماري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪو به قردار ادا نه ڪيو آھي، مغوين جي آزادي تائين تحريڪ جاري رهندي، پيرولاشاري نوجوان اتحاد ۽ سوشل ورڪر اتحاد جي سڏ تي شهرين پاران پريا ڪماري ۽ بدين جي ٻن مُغوين ارشاد علي بروهي ۽ مير حسن بروهي جي اغوا خلاف اعظم چانڊيو، نظير احمد پاڙهو، سڪندر قمبراڻي، اعجاز شاھ، محمد سومار ملاح، سيد امداد شاھ، سيدزين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سجاول ۾ جسقم آريسر گروپ پاران معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ کورواھ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي سبب روڊن جي ٻنھي طرفن کان سوين گاڏيون جمع ٿي ويون، مظاهري ۾ جسقم آريسر گروپ جي اڳواڻ محفوظ سنڌي ، ھارون لغاري ، نور حسن جت ، عظيم لغاري، سارنگ ۽ ٻين خطاب ڪيو، سيتا سرجڻهار فورم پاران 22 مهينا اڳ اغوا ٿيل پريا ڪماري جي آزادي لاءِ شروع ڪيل جدوجهد کي 6 ڏينهن ٿي ويا، فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي ۽ ٻين چيو ته پريا ڪماري کي جلد آزاد ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.