شهيد ڀٽو جو قتل ملڪي خودمختياري خلاف سازش هئي: آصف زرداري

ڪراچي( رپورٽر) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي اڄ 45 هين ورسي ملهائي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري ويندي ۽ جلسو ڪيو ويندو. جلسي کي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول  ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا. ان سلسلي ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي  ڀٽي جو قتل ملڪي خودمختياري خلاف سازش هئي. ورسي تي پيغام ۾ آصف زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽي عوام کي ڳاٽ اوچو کڻي هلڻ جو شعور ڏنو. هن چيو ته قائد عوام ملڪ کي ترقي يافتا ملڪن جي صف ۾ بيهاريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.