آمريڪي سفارتخاني جي وفد جو اڊيالا جيل جو دورو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سفارتخاني جي وفد اڊيالا جيل جو دورو ڪيو.
جيل ذريعن موجب آمريڪي سفارتخاني جي 3 رڪني وفد کي جوابدار ظاهر جعفر تائين قونصلر پهچ ڏني وئي، وفد جي جوابدار ظاهر جعفر سان ملاقات ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ روم ۾ ڪرائي وئي.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفارتخاني جي وفد ۾ مائيڪل مرفي، اسامه حنيف ۽ نويد غازي شامل هئا، 30 منٽ ملاقات کانپوءِ آمريڪي سفارتخاني جو وفد اڊيالا جيل مان روانو ٿي ويو.
واضح رهي ته جوابدار ظاهر جعفر اڳوڻي سفارتڪار جي ڌيءَ نور مقدم جي قتل ڪيس ۾ عدالتي سزا کانپوءِ قيد آهي.
نور مقدم کي قتل ڪندڙ ظاهر جعفر آمريڪي شهريت به رکي ٿو، جنهن پنهنجي موت جي سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.