پريا ڪماري جي پيءُ کي ساڻ ڪري پريس ڪانفرنس ڪندڙ هندو پئنچائت جي اڳواڻن سوشل ميڊيا تي آيل خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا کي هاڻي خاموش ٿيڻ گهرجي، واويلا ۽ ڪردار ڪشي ڪرڻ وارا خاموش ٿين.
سوشل ميڊيا تي پريا ڪماري جي اغوا جي حوالي سان طاقتور ڌرين جا نالا ورتا ويا هئا ۽ ڪجهه صحافين اها دعويٰ ڪئي هئي ته پريا ڪماري زنده آهي ۽ ڪير ان ۾ ملوث آهي، ان بابت انڪشافن واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل هيون. تفصيلي رپورٽ هن لنڪ تي ڏسندا.