ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ لک کان وڌيڪ گهر مڪمل ٿي چڪا آهن: وڏو وزير

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ طرفان صوبي ۾ ورلڊ بينڪ جي هلندڙ 13 منصوبن جي ڪم کي تيز ڪرڻ ۽ انهن آڏو موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اڳڀرائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي،

جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان هلندڙ 3.2 ارب ڊالرن جي 13 فعال منصوبن لاءِ هن مهل تائين  40 سيڪڙو يعني 1.33 ارب ڊالر ڏنا ويا آهن ۽ انهن منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن رڪاوٽون ختم ڪري انهن کي وقت سِر مڪمل ڪيو وڃي . اهڙو اتفاق  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهيسين جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ ملاقات ۽ اجلاس دوران ڪيو ويو.ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ناصر شاهه، سعيد غني، محمد بخش مهر، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي ،جڏهن ته ورلڊ بئنڪ ٽيم جي ميمبرن ۾ آپريشنز مئنيجر مسٽر گيلس جي ڊيگلس، سينيئر ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ مسٽر لنڪن، ڪامران اڪبر، سيد عثمان ۽ ٻيا شامل هئا. چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه لاڳاپيل وزير جي سهڪار سان اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وڏي وزير چيو ته منصوبي کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ ييلو لائين ڪوريڊور جي روڊ انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ لاءِ 177 ملين ڊالر ۽ آپريشنل ڪرڻ لاءِ 260 ملين ڊالر ۽ تعميراتي ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ لاءِ 6 ملين ڊالر شامل آهن. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته ييلو لائين لاءِ روڊ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ تحت ٻه پل (ڄام صادق پل) ٺاهيا پيا وڃن.۽ پل جي اڏاوت جو ٺيڪو هڪ ڪمپني کي ڏنو ويو آهي جنهن تي شروعاتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ وڏو ڪم 15 جون تائين شروع ڪيو ويندو. ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته جيتري قدر بي آر ٽي سسٽم ييلو لائن جي آپريشنل ٿيڻ جو تعلق آهي، ان جي ڊيپوز جي ترقيءَ جي تجويز عالمي بئنڪ کي جمع ڪرائي وئي آهي ۽ ٽيڪنيڪل جائزي لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته گڏيل رپورٽ هن مهيني اپريل 2024 جي آخر تائين تيار ٿي ويندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لوڪل ڪائونسلن کي پرفارمنس بيسڊ گرانٽس ۽ انهن جي صلاحيت وڌائڻ ۾ دير ٿي رهي آهي پر ان تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي. پي اينڊ ڊي واري وزير ناصر شاهه چيو ته 9.68 ملين ڊالرن جي ڪمن جي خريداري مڪمل ڪئي وئي آهي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اجلاس کي ٻڌايو ته وڏي وزير پي پي ايڇ آءِ جي 50 ڊسپينسرين کي آپريشنل خرچن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته صحت جي سهولتن لاءِ 60 ايمبولينسون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ هن مهيني جي آخر تائين 30 موبائل ميڊيڪل وين ۽ 5 موبائل ليبارٽريون فراهم ڪيون وينديون. وڏي وزير چيو ته 114 روڊن جي تعمير جا ٺيڪا ڏنا ويا آهن ۽ 350 ملين ڊالرن جي لاڳت سان ڪم جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ريسڪيو 1122 کي 224 ايمرجنسي رسپانس گاڏيون (اي آر ويز) منظور ڪيون ويون آهن ۽ اڃا تائين پهچائڻيون آهن. هن چيو ته گڊو ۽ سکر بئراجن جي بحالي جو ڪم 286 ملين ڊالرن سان جاري آهي. مراد شاهه چيو ته 2022 جي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ 470 ملين ڊالرن جي لاڳت سان هائوسنگ يونٽن جي تعمير تي ڪم جاري آهي جنهن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ گهر مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ 2 لک گهرن جي تعمير جو ڪم جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.