رات جو سٺي ننڊ لاءِ بهترين طريقو ڄاڻي وٺو

نئين تحقيق ۾ ماهرن سٺي ننڊ تي تحقيق ڪئي آهي  ڇاڪاڻ ته اڪثر ماڻهو آرام جي ننڊ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن پر اوجاڳي جي بيماري سبب پريشان رهندا آهن. جن ماڻهن کي ننڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي اهي ان تحيقي کي پڙهڻ سان سٺي ننڊ کي يقيني بڻائي سگهن ٿا. واضح رهي ته ڊگهي ۽ آرام ده ننڊ سان دماغ مختلف ڪم ڪندو آهي جهڙوڪ يادن کي منظم ڪرڻ ۽ دماغي صفائي ڪرڻ.

تحقيق جي نتيجن مان ڄاڻ ملي آهي ته سخت جسماني سرگرمين سان ننڊ جو معيار بهتر ٿيندو آهي. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جسماني سرگرمين ۽ ڊگهي ننڊ جي وچ ۾ رشتو هوندو آهي جنهن سان صبح اٿڻ تي جسماني توانائي ۾ واڌ ٿيندي آهي جڏهن ته ذهني دٻاءُ گھٽجندو آهي.

ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو ماهرن جسماني ڪم ڪار ۽ ننڊ جي ڳانڍاپي کي ڳولي ورتو آهي.  اوجاڳي جي بيماري ڪروڙين ماڻهن کي ٿيندي آهي جنهن لاءِ اڪثر ماڻهو آرام جي ننڊ چاهيندا آهن.

ماهرن ٻڌايو آهي ته جسماني طور متحرڪ رهندڙ ماڻهن جي ننڊ 6 کان 9 ڪلاڪن تائين هجڻ جو امڪان هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.