مينڊيٽ چوري ڪندڙ پارٽين سان اتحاد نه ٿيندو: پي ٽي آءِ چيئرمين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ن ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان سياسي اتحاد جو تاثر رد ڪندي چيو آهي ته اسان جو مينڊيٽ چوري ڪندڙ پارٽين سان اتحاد نه ٿيندو.
پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر علي خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽن سياسي پارٽين ن ليگ ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اسان جو اتحاد نٿو ٿي سگهي ڇو ته انهن اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي.
هن چيو ته ڪراچي جي 22 سيٽن مان مخالفن 3 سيٽون کٽيون آهن باقي اسان جون سيٽون آهن، اسان جون 15 سيٽون ايم ڪيو ايم ۽ چار پ پ وٽ آهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هوته انصاف ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، جهڙي ريت فيصلا ٿيا اِهو طريقيڪار غيرقانوني هو، قانون جي حڪمراني تي يقين رکون ٿا عدليا تي اعتماد آهي ۽ احترام ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.