روس افغان طالبان کي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست مان ڪڍڻ لاءِ سرگرم!

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس افغان طالبان کي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست مان ڪڍڻ لاءِ غور ڪرڻ لڳو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، روس افغان طالبان کي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست مان ڪڍڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
روسي صدارتي محل ڪريملن جي ترجمان موجب، افغان طالبان سان اهم معاملن تي ڳالهين ۽ اهم مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، طالبان افغانستان ۾ ڊي فيڪٽو اٿارٽي آهن.
ترجمان چيو ته روس افغان طالبان کي پابندي مڙهيل تنظيمن جي فهرست مان ڪڍڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
روسي پرڏيهي وزارت موجب، ان حوالي سان حتمي فيصلو ملڪ جي اعليٰ سياسي قيادت ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.