جيڪڏهن پٽ عامر جهڙي حرڪت ڪري ها ته ساڻس لاتعلقي جو اظهار ڪيان ها: رميز راجا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا محمد عامر طرفان رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺڻ تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
اڳوڻي ڪپتان ۽ پي سي بي چيئرمين رميز راجا هڪ انٽرويوءَ دوران چيوته محمد عامر ۽ پاڪستان ٽيم کي نقصان پهچائيندڙ لاءِ سندس خيال جيئن جو تيئن برقرار آهن.
هن چيو منهنجي ڪوشش هئي ته ڪرڪيٽ کي بهتر بڻايو وڃي ۽ معاشري ۽ شوقينن کي به اِها ڳالهه سمجهڻ گهرجي.
رميز راجا چيو ته جڏهن سلمان بٽ، محمد آصف ۽ محمد عامر ميچ فڪسنگ ڪئي ان وقت مان لارڊز ۾ ڪامينٽري ڪري رهيو هئس ان دوران مون محسوس ڪيو ته دنيا اسان سان ڪيتري نفرت ڪري رهي آهي.
هن چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسنگ ڪئي پر ان جي نتيجي ۾ انگلينڊ ۾ جيڪو اسان سان رويو اختيار ڪيو ويو اِهو ڪڏهن به وساري نٿو سگهان.
سندس چوڻ هوته دنيا ۾ جتي به ڪو ڪرڪيٽر داغدار ٿيندو آهي اِهو وائکو ٿي ويندو آهي، اهڙن ماڻهن سان همدردي ضرور ٿيڻ گهرجي پر منهنجي ڪتاب ۾ سندس لاءِ معافي جي گنجائش نه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن خدا نه ڪري جيڪڏهن منهنجو پٽ به ائين ( ميچ فڪسنگ ) ڪري ها ته مان ساڻس لاتعلقي جو اظهار ڪيان ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.