بنگلاديش کي پنهنجي سرزمين تي سريلنڪا هٿان وائيٽ واش شڪست

چٽاگانگ ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا بنگلاديش کي هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
چٽاگانگ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ مهمان ٽيم 192 رنسن تان کٽي ورتي.
سريلنڪا طرفان مليل 511 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديشي ٽيم 318 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سريلنڪا جي ڪمارا چار ۽ مينڊس هڪ وڪيٽ ورتي.
سريلنڪن ٽيم پهرين اننگ 531 رنسون ٺاهيون هيون جڏهن ته ٻي اننگ 157 رنسن ست رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي.
بنگلاديشي ٽيم پهرين اننگ ۾ 178 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ ٻي اننگز ۾ 318 رنسون ٺاهي سگهي.
ڪامينڊو مينڊس کي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.