ججن کي ملندڙ ڌمڪي جوڳن خطن ۾ موجود ” اينٿريڪس پائوڊر “ ڇا آهي؟

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز کي مبينا طور تي خط ذريعي موڪلڻ وارو پائوڊر اينٿريڪس بيڪٽيريا کي بائيولوجيڪل يا حياتياتي هٿيار به چئي سگهجي ٿو. ماهرن موجب اينٿريڪس بيڪٽريا قدرتي طور تي مٽي ۾ غيرفعال رهندو آهي پر انسان جي رابطي ۾ اچڻ سان فعال ٿي ويندو آهي.

اينٿريڪس بيڪٽيريا کي ليبارٽري ۾ به تيار ڪري سگهجي ٿو، ان بيڪٽيريا کي خط ذريعي کاڌي ۽ پاڻي ۾ ملائي يا هوا ۾ به اڇلائي پکيڙي سگهجي ٿو. طبي ماهرن موجب اينٿريڪس سفوف جسم جي ڪنهن حصي کي لڳڻ سان شديد فلو جهڙي خطرناڪ بيماري ٿي سگهي ٿي، انفيڪشن ۾ ڇالا پئجي سگهن ٿا جنهن ۾ خارش ٿيندي آهي. مناسب علاج نه ٿيڻ تي موت به ٿي سگهي ٿو.

گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان مخالفن جي خلاف اينٿريڪس جي استعمال جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيا آهن. 2001 ۾ آمريڪا ۾ خط ذريعي اهو پائوڊر موڪلڻ سان 22 ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان 5 لاڏاڻو ڪري ويا. ان اينٿريڪس حملن سان آمريڪي ڊاڪ جي نظام کي معطل ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪجهه وقت لاءِ آمريڪي سينيٽ جي عمارت کي به بند ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.