سعودي عرب ريڪوڊڪ رٿا ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) ريڪوڊڪ ۾ سعودي عرب طرفان هڪ ارب ڊالرز تائين سيڙپڪاري ڪرڻ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، او جي ڊي سي ايل ۽ پي پي ايل جا شيئرز سعودي عرب کي وڪرو ڪيا ويندا، سعودي عرب طرفان ايندڙ مهيني سيڙپڪاري ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، سعودي عرب ريڪوڊڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ وزيراعظم ڪميٽي قائم ڪندو، ڪميٽي ۾ او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل ۽ توانائي واري وزارت جون اختياريون به شامل ٿينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڏانهن ڪميٽي جي جوڙ جڪ لاءِ ناڻي ۽ توانائي واري وزارت جي سمري اُماڻي ويندي.
ڪميٽي جي جوڙجڪ کانپوءِ ڪميٽي ميمبر حتمي ڳالهين لاءِ سعودي عرب روانو ٿيندا ۽ ريڪوڊڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ حڪومتي معاهدو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.