ناسا چنڊ تي ٽائيم زون آڻڻ لاءِ تيار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناسا پاران هاڻي چنڊ تي وقت ماپڻ لاءِ گهڙيال تيار ڪيو پيو وڃي. وائيٽ هائوس پاران آمريڪي اداري ناسا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته چنڊ لاءِ ٽائيم زون تيار ڪري.

رپورٽ موجب چنڊ تي هن وقت تائين وقت جو معيار ماپڻ لاءِ ڪو اوزار ناهي ڇاڪاڻ ته زمين جي ڀيٽ ۾ چنڊ تي وقت 58 مائيڪرو سيڪنڊ وڌيڪ هوندو آهي ان جو ڪارڻ ڪشش ثقل گهٽ هجڻ ۽ چنڊ جي هلڻ جي رفتار هوندي آهي. هن وقت تائين ته چنڊ جو ڪو آفيشل ٽائيم زون ناهي ۽ هر ملڪ اتي وڃي پنهنجي ملڪ جي حساب سان ٽائيم زون سيٽ ڪندو آهي جيڪو عام طور تي يونيورسل ٽائم هوندو آهي پر ماهرن هاڻي لونر ڪوآرڊينيڊ ٽائم (ايل يو سي) تيار ڪري ورتو آهي جنهن سان چنڊ تي پهچڻ لاءِ خلا بازن سان گڏوگڏ زمين تي موجود ڪنٽرول سينٽرز کي به وڌيڪ بهتر ڪرڻ تي ڪم ڪيو ويندو.

ناسا پاران آمريڪي واپاري کاتي، دفاع کاتي، پرڏيهي کاتي ۽ ٻين سان گڏيل پلان تحت 31 ڊسمبر 2026 تائين چنڊ جو ٽائيم زون تيار ڪرڻ لاءِ حتمي رٿابندي ڪئي ويندي.

پرڏيهي رپورٽ موجب ان ٽائيم زون سان چنڊ تي نيويگيشن ۾ سولائي ٿيندي ڇاڪاڻ ته روبوٽ مشنز کي اتي زميني وقت موجب جي پي ايس استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. واضح رهي ته آمريڪا پاران چنڊ تي موڪليل مشنز ۾ خلابازن لاءِ ڪوآرڊينيٽڊ يونيورسل (يو ٽي سي) کي استعمال ڪيو ويو هو.

ناسا 2026 ۾ انسانن کي چنڊ تي موڪلڻ لاءِ آرٽيمس 3 مشن روانو ڪندو جڏهن ته چين پاران 2030 تائين انسانن کي چنڊ تي موڪلڻ جي رٿابندي تيار ڪئي وئي آهي. ٻنهي ملڪن پاران چنڊ تي انساني مشنز کي موڪليو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.