”ججز کي يقين هجڻ گهرجي ته کين خطرو ناهي، عدليه جي آزادي تي سوديبازي نه ٿيندي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي ادارن پاران مبينا مداخلت بابت خط تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته عدليه جي آزادي تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي، ڪنهن قسم جو حملو ٿيندو ته سڀ کان اڳ مان ۽ منهنجا ساٿي بيهندا.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

لارجر بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر شامل آهن.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ججز کي يقين هجڻ گهرجي ته کين ڪو خطرو ناهي، ائين نه ٿئي ته جيڪڏهن ڪا شڪايت هجي ته اها ججز جي ڳچي ۾ پئجي وڃي، اسان ججز جي خط کي سنجيدگي سان وٺي رهيا آهيون.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته وڏو سوال اهو آهي ته جاچ ڪير ڪندو؟ اسان چاهيون ٿا ته جاچ اهي ڪن جيڪي معاملي کي سمجهن ٿا.

چيف جسٽس چيو ته مان ججز سان گڏ آهيان، اسان اکيون ٻوٽي نٿا سگهون، ججز به چاهين ٿا ته جاچ ٿئي. مان فوري وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، واضح پيغام ڏنو ته عدليه جي آزادي تي سوديبازي نه ٿيندي، اسان جو ڪم ناهي ته ڪنهن جي عزت کي ڇيهو رسايون، هڪ پاسي پارليامينٽ، ٻئي پاسي صدر ۽ ٽئين پاسي حڪومت آهي، اسان سڀني جو احترام ڪريون ٿا ۽ سڀني مان احترام جي اميد ڪريون ٿا.

هن چيو ته اسان ست ججز ان لاءِ ويٺا آهيون جو رڳو ست ججز ئي اسلام آباد ۾ موجود هئا، ٿي سگهي ٿو ايندڙ ٻڌڻي تي فل ڪورٽ ويهي.

اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته حڪومت عدليه جي آزادي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي، يقين ڏياريان ٿو ته وفاقي حڪومت ڪو اهڙو عمل نه ڪندي جنهن سان عدليه جي آزادي متاثر ٿئي.

تنهن بعد سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.