ماهرا جي ديواني مداح سان ملاقات؛ وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سپراسٽار ماهرا خان سان هڪ جذباتي مداح جي ملاقات جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي واهپيدارن دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا آهن.

تازو ماهرا خان ڪراچي جي مشهور شاپنگ مال ۾ پروموشنل ايوينٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هڪ جهلڪ ڏسڻ ۽ ملڻ لاءِ هزارين مداح اچي پهتا، اداڪارا مداحن سان گڏ وقت گذاريو ۽ سيلفيون ۽ وڊيوز ٺاهيون.

ان وچ ۾ وڏي عوام مان شبير نالي مداح ماهرا خان جو هٿ پڪتو ۽ هو ڪنهن قيمت هٿ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. مداح ماهرا خان کي چيو ته سندس سڀ کان وڏو مداح آهي، کيس يقين نه پيو اچي ته هو اداڪارا سان ملي پيو. هن اداڪارا کي اهو به چيو ته هو ساهه نٿو کڻي سگهي، ان سان گڏ ئي هن چيو ته هو سندس شبير آهي ۽ هوءَ سندس ماهرا.

نوجوان مداح جي جذباتي ٿيڻ تي ماهرا کيس ڀاڪر پاتو ۽ اتي موجود ماڻهن کي کيس پاڻي پيارڻ لاءِ به چيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.